ڦورو ڄاڻائي ماريل نوجوان جي قوم پرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي طورسڃاڻپ

0
345
Karachi Incident Uc Chairman

ڪراچي: ملير واري علائقي ۾ ڦورو ڄاڻائي ماريل نوجوان واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، نوجوان جي قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجھاڻي طور سڃاڻپ ٿي وئي آهي.

تفصيل موجب اربع جي شام جو ملير جي ڀينس ڪالوني موڙ وٽ واقعو پيش آيو هو جتي مبينا ڦر دوران مزاحمت تي يوسي چيئرمين رحيم شاهه جيئي سنڌ تحريڪ ڪراچي جي ڊويزن جي صدر ارشاد رانجھاڻي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو.

 زخمي تڙپندو رهيو پر پوليس هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي، جنهن کانپوءِ زخمي ارشاد کي پهرين ٿاڻي ۽ پوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڏيئي ڇڏيو.

يوسي چيئرمين جو چوڻ آهي ته نرسري وٽ قائم بينڪ مان 10 لک رپيا ڪڍرائي نڪتس ته ٻن هٿياربندن پيڇو ڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي مونکي روڪي ورتو، انهن جي پويان موٽرسائيڪل تي 2 ٻيا جوابدار به هئا.

هن چيو ته جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ٻيا فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ارشاد رانجهاڻي جي ڪرمنل رڪارڊ بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ هڪ ٻه ڏينهن لڳي ويندا.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اکين ڏٺن شاهدن به تصديق ڪئي آهي ته جوابدار هٿيار ڪڍي گاڏي ڏانهن وڌيو هو.

LEAVE A REPLY