هوسڙي ڀرسان حادثو، قوم پرست اڳواڻ اشرف نوناري فوت

0
207
ashraf noonari

حيدرآباد: هوسڙي ويجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ قوم پرست اڳواڻ اشرف نوناري فوت ٿي ويو آهي.

تفصيل مطابق هوسڙي ڀرسان ايئرپورٽ روڊ تي تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار قوم پرست اڳواڻ اشرف نوناري ٿڏي تي فوت ٿي ويو آهي.

پوليس موجب اشرف نوناري ڳوٺ الله بخش بروهي ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت  کانپوءِ سيري ڀرسان واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.

LEAVE A REPLY