اڃان شادي بابت ناهيان سوچي رهي: عاليا ڀٽ

0
83
Alia Bhatt

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ چيو آهي ته هوءَ اڃان پنهنجي شادي بابت ناهي سوچي رهي.

تفصيل موجب عاليا ڀٽ ۽ اداڪار رنبير ڪپور پنهنجي افيئر سبب سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن، ٻئي ايونٽس ۾ به گڏ نظر ايندا آهن، جڏهن ته هاڻي خاندان به ان رشتي سان خوش نظر اچي رهيا آهن.

 جتي هر ڪو سندن شادي جي خبر ٻڌڻ لاءِ بي چين آهي پر هو ٻئي شادي بابت سنجيده نه آهن.

عاليا ڀٽ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته هن رنبير ڪپور کي پنهنجو جيون ساٿي ته تسليم ڪيو آهي، پر سندن شادي ڪرڻ جي حوالي سان ناهن سوچي رهيا.

 ان ڳالهه جو انڪشاف عاليا ڀٽ پاڻ پنهنجي ايندڙ فلم ”گلي بواءِ“ جي شوٽنگ جي هڪ ايونٽ دوران ڪئي جتي عاليا ڀٽ رنبير ڪپور سان شادي ڪرڻ جي حوالي سان سوال ڪيو ويو.

عاليا ڀٽ چيو ته منهنجو خيال آهي ته ماڻهن کي بريڪ وٺڻ گھرجي، بالي ووڊ ۾ گذريل سال ٻه وڏيون ۽ سهڻيون شاديون ٿيون آهن.

 منهنجو خيال آهي ته صبر ڪرڻ گھرجي، فلمون ڏسو، انهن ۾ ڪم ڪيو باقي سڀ پوءِ ڏٺو ويندو.

LEAVE A REPLY