ڊيل نه ناڪامي جو خوف

0
99
Hamid Mir
حامد مير / سينيئر صحافي

وزيراعظم عمران خان جي ناڪامي جو خوف هُن جي ڪجهه پراڻن ۽ وفادارن ساٿين کي تيزي سان وڪوڙي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وفاقي وزير تشويشناڪ لهجي ۾ ٻڌائي رهيو هو ته هُو صبح 9وڳي آفيس اچي ٿو ۽ رات 10 – 11 وڳي کان اڳ واندو ناهي ٿيندو. سڄو ڏينهن آفیس  ۾ ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي کيسي مان گهرايل فاسٽ فوڊ کائي وزن وڌندو وڃي. مون پُڇو توهان آفیس  ۾ ايترو وقت ڇوٿا گزاريو؟ هُن جواب ۾ چيو ته اسان جو ليڊر ۽ وزيراعظم به آفيس ۾ ايترو ئي وقت لڳائيندو آهي. سوال ڪيو ته جيڪڏهن وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا روز 14-15ڪلاڪ ڪم ڪري رهي آهي ته پوء حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ڇو نه پئي اچي ؟ وزير صاحب ترت جواب ۾ چيو ’’حامد ڀاءُ اھوئي ته مسئلو آهي. سڄي ڪابينا 14-15 ڪلاڪ ڪم ڪري ته ڇا نٿو ٿي سگهي پر اسان رڳو پنج يا ڇهه وزير آهيون جيڪي جنون سان ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان کي خبر آهي ته اسان ناڪام ٿي ويا سين ته اسان جو خان ناڪام ٿي ويندو ۽ خان ناڪام ٿي ويو ته پوءِ اسان جا ڪم ئي لھي ویندا‘‘. پُڇو ته رڳو  پنج ڇهه وزير صاحبان گهڻو ڪم ڇوٿا ڪن؟ اسان جي دوست وزير صاحب محتاط لهجي ۾ چيو ته باقي وزير به ڪم ڪندا آهن پر اوهي شام چار پنج وڳي کانپوءِ آفيسن ۾ نٿا ويهن ڇو جو هُنن جي سياسي بقا عمران خان جي ڪاميابي سان ٻڌل ناهي عمران خان ناڪام ٿي وڃي، واندو ٿي وڃي ته اسان جي ڪيترن ئي ساٿي وزيرن کي فرق نٿو پئي، هو گذريل حڪومتن ۾ به شامل هئا، هاڻوڪي حڪومت ۾ به شامل آهن ۽ اڳتي جيڪابه حڪومت هوندي اُن ۾ به شامل ٿي ويندا پر اسان عمران خان سبب حڪومت ۾ آيا آهيون ۽ هُن سان گڏ هليا وينداسين ۽ اِن ئي ڊپ سبب اسان گهڻو ڪم ڪندا آهيون. اِن ڳالهه ٻولهه سان خبر پئي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا ٻن گروپن ۾ ورهايل آهي. هڪ گروپ هُن جي پراڻي ساٿين تي ٻڌل آهي جيڪي 2011ع کان اڳ تحريڪ انصاف ۾ آيا هئا. هڪ گروپ نئين ايندڙن تي ٻڌل آهي ۽ نئين ايندڙن ۾ اهي به شامل آهن جيڪي تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن جي ڪوٽا مان وزير ٺيا آهين. ڪالهه رات مون هڪ ٻئي وفاقي وزير کان پڇو ته ڇا اوهان پنهنجي وزيراعظم جي ناڪامي جي خوف سبب پريشان رهڻ لڳا آهيو؟ هي وزير به عمران خان جي پراڻن ساٿين ۾ شامل آهي. هُن ھڪ دم اِن خوف جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آئون وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پنهنجي هڪ ساٿي کي ڪن ۾ چئي رهيو هئيس ته ٿوڙو پنهنجي ساڄي کاٻي ۽ سامهون نظر گهمائي توکي اجنبيت محسوس ٿيندي، تحريڪ انصاف جا پراڻا ماڻهون گهٽ ۽ نوان ايندڙ گهڻا آهن.  اھو ٻڌي منهنجي ساٿي چيو ته خاموش ٿي وڃ، هي جيڪي اسان جي ڀرپاسي ۾ لوٽا ويٺل آهن انهن کانسواءِ اسان حڪومت نه ٺاهي سگهون ها جنهن تي مون پنهنجي ساٿي کي چيو ته انهن ئي لوٽن جي ڪري اسان اڳتي لاءِ ڪڏهن به حڪومت ۾ نه اينداسين ڇو جو انهن جا چهرا ڏسي منهنجو دل ٻڏڻ لڳندو آهي، مونکي محسوس ٿيندو آهي ته آئون نئين نه پراڻي پاڪستان جي ڪابينا ۾ گھڙ ي آيو آهيان.

عمران خان جي ناڪامي جي خوف کان رڳو ڪجهه حڪومتي وزير نه پر مخالف ڌر جون اهم شخصيتون به ڏنل آهن. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي  جي اهم اڳواڻن جي زبان مان مون پاڻ ٻڌو ته جيڪڏهن عمران خان ناڪام ٿي ويو ته ان کي پوري پارليماني نظام جي ناڪامي قرار ڏئي نئون سسٽم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. مون ان راء سان اتفاق نه ڪيو ۽ مخالف ڌر جي اهم شخصيتن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اڄ پاڪستان ۾ ڪو نئون نظام ۽ آئين آڻڻ ممڪن ناهي اِن ڪري ان نازڪ حالتن ۾ ڪوبه محبِ وطن آئين شڪني جي باري ۾ سوچي به نٿو سگهي، صدارتي نظام جون ڳالهيون بحث لاءِ ٺيڪ آهن پر صدارتي نظام آڻڻ لاءِ لاشن جو هڪ سمنڊ پار ڪرڻو پوندو ان ڪري ان بحث ۾ منجهڻ جي بجاءِ توهان پارلياماني نظام کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش ڪيو. مخالف ڌر جي هڪ اهم شخصيت چيو ته اسان ته هن نظام کي ڪامياب بڻائڻ چاهيون ٿا ۽ اسان اسپيڪر قومي اسيمبلي سان گڏ ويهي اسٽيڊنگ ڪميٽيون به جوڙيون آهن پر حڪومت جي ڪجهه وزيرن جو ڇاڪيون جيڪي رستي ۾ روڪي روڪي ڪنن ۾ پڇن ٿا  ’’اسان جو ڇا ٿيندو‘‘. جڏهن هنن وزيرن کان پڇو وڃي ٿو ته ادا اوهان ايڏا خوف ۾ ورتل ڇو آهيو ته هو چوندا آهن ته ساهيوال سانحي ۾ پنجاب حڪومت جيڪا غفلت ۽ غير ذميداري ڏيکاري  اُن کانپوءِ عمران خان جو وسيم اڪرم اصل ۾ منصور اختر بڻجي چڪو آهي ۽ منصور اختر کي زبردستي ٽيم ۾ شامل رکيو ويو ته اسان جي ٽيم هارائي ويندي.

آئون ذاتي طور تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي منصور اختر سان ڀيٽن جي خلاف آهيان ڇو جو منصور اختر ونڊي ميچن ۾ گهڻو ڪامياب نه ٿيو پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هڪ سنچري ته ڪري ئي ويو هو. عمران خان کي سندس ڪجهه همدردن ۽ خيرخواهن  عثمان بوزدار کي تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي پر خان صاحب مشورو نظر انداز ڪري ڇڏيو. سندن خيال آهي ته عثمان بوزدار  ڀلي وسيم اڪرم نه ٺهي پر منصور اختر وانگر آهستا آهستا کيڏندي هڪ ڏينهن سنچري ضرور ٺاهيندو. اسان کي به عثمان بوزدار مان وڏيون اميدون هيون پر اڃا تائين اهي اميدون پوريون ناهن ٿيون. ٿي سگهي ٿو ايندڙ ڏينهن ۾ سندن ڪارڪرگي بهتر ٿي وڃي پر هُن وٽ وقت گهٽ آهي ڇو جو عمران خان گهڻو عرصو سندن بچاء نه ڪري سگهندو. عمران خان کي مخالف ڌر مان فلحال ڪوبه خطرو ناهي. هُن کي خطرو اندران آهي. مخالف ڌر وارا ننڍين وڏين شرارتن تي گزارو ڪري رهيا آهن. مسلم ليگ (ن) وارا اڄ ڪالهه غريبن کي گهڻو تنگ ڪري رهيا آهن. هي شرارتي ماڻهو غريب مزدورن وٽ وڃي عمران خان زنده باد جا نعرا هڻندا آهن ۽ جڏهن مهانگائي جا ستايل هي غريب ماڻھو عمران خان کي خراب سٺو چوندا آهن ته ن ليگي پنهنجي موبائل فون ڪئميران تي هُنن جي ڪاوڙ سان ڀريل ڳالهيون رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي پکيڙيو ڇڏين. ن ليگ وارن هي شرارتون تحريڪ انصاف کان سکيون آهن. جڏهن تحريڪ انصاف اپوزيشن ۾ هئي ته اهڙن ئي قسم جون شرارتون ن ليگ سان ڪندي هئي. ٻنهي جماعتن کي ياد رکڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي سان گارگند ٻنهي کي سياسي طور تي ڪمزور ڪندي.

 مسلم ليگ (ن) تحريڪ انصاف کي هڪ نئين پريشاني اها ڏني آهي ته ھنن عدليه ۽ فوج سان محاذ آرائي ختم ڪري ڇڏي آهي. جڏهن کان ن ليگ رياستي ادارن سان ٽڪراءُ ختم ڪيو آهي تحريڪ انصاف ۽ خاص ڪري شيخ رشيد احمد کي ڪنهن ڊيل جو شڪ ٿيڻ لڳو آهي ۽ هُو ڏينهن رات ڊيل جي مذمت ۾ لڳو پيو آهي پر اهو نٿو ٻڌائي ته هن مبينا ڊيل ۾ ٻي ڌر ڪير آهي؟ سڀني کي ڄاڻ آهي ته نوازشريف کي گهڻي عرصي کان دل جي بيماري آهي. جيڪڏهن لاهور جي سروسز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ اھو قرار ڏنو ته نوازشريف کي مستقل طور دل جي علاج جي ضرورت آهي ڇو جو هُن کي هائي بلڊ پريشر، شگر ۽ گردن جي به تڪليف آهي ته هن ۾ ڊيل ڪٿان اچي وئي؟ انهن بيمارين جو علاج پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿو اِن ڪري نوازشريف کي پاڪستان ۾ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي. ان معاملي مان ڊيل ڳولڻ جو مقصد رڳو اهو نظر اچي ٿو ته اوهان وڏا غير محفوظ آهيو، توهان کي اها خبر آهي ته توهان ڇهه مهينن ۾ ڪابه وڏي تبديلي نه آڻي سگهيا آهيو لهاذا پنهنجي پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ جي بدران توهان ٻين خلاف شور مچائي رهيا آهيو ۽ وساري رهيا آهيو ته ڊيل يا اين آر او جون ڳالهيون ڪري توهان پاڪستان جي رياستي ادارن کي متنازع بڻائي رهيا آهيو. ناڪامي جي خوف مان نڪرو، ڪارڪردگي بهتر بڻايو نه ته سڀاڻي توهان اتي ئي هوندا جتي اڄ نوازشريف آهي. . .

LEAVE A REPLY