طاقتور شخص بنا هٿيار جي شينهن کي ماري ڇڏيو

0
58
Lion

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ شخص جي سامهون جابلو شينهن اچي ويو ته هن جانور کان اڳ ان تي حملو ڪري ماري ڇڏيو.

تفصيل موجب هي دلچسپ واقعو آمريڪا جي رياست ڪولوراڊو جي هارس ٽوٿ مائونٽين پارڪ ۾ پيش آيو، جتي هڪ جاگنگ ڪندڙ اڪيلو ڊوڙي رهيو هو ته کيس پٺيان هڪ آواز محسوس ٿيو.

 ان شخص پٺتي نهاريو ته پٺيان ڊڪندو ايندڙ شينهن مٿس حملو ڪري منهن ۽ ڪرائي تي زخم ڪري ڇڏيا.

بهادر شخص همت نه هاري ۽ شينهن تي حملو ڪري ان جو ساهه ٻوساٽيو ته شينهن ٿڏي تي ئي مري ويو.

 ڪولارڊو پارڪس ان واقعي جي تصديق ڪئي پر اهو نه ٻڌايو ته همراهه شينهن کي ڪيئن ماريو.

 شينهن کي ماريندڙ شخص واقعي کانپوءِ علائقائي اسپتال پهچي علاج ڪرايو ۽ پوءِ پوليس وٽ وڃي واقعي جي رپورٽ به داخل ڪرائي.

LEAVE A REPLY