مني لانڊرنگ ڪيس: سنڌ حڪومت طرفان نظرثاني درخواست داخل

0
115
supreme court karachi registry

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سرڪار مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نظرثاني جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

سنڌ حڪومت طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 7 جنوري جي حڪم نامي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو نالو ڪڍڻ جو زباني حڪم جاري ڪيو ويو هو، ڪيس جي وڌيڪ جاچ اسلام آباد ۾ ڪرڻ سان انتظامي مسئلا پيدا ٿيندا.

 درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انڪوائري اسلام آباد ۾ ڪرڻ شفاف ٽرائل کان انڪار برابر هوندو، ڪيس جي جاچ جو سمورو رڪارڊ نيب ڪراچي حوالي ڪيو وڃي.

 درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو نيب ريفرنس تيار ٿئي ٿو ته اهو ڪراچي ۾ داخل ڪيو وڃي.

LEAVE A REPLY