پنجاب ڪابينا ۾ واڌ: بائو رضوان صوبائي وزير جي حيثيت سان قسم کڻي ورتو

0
84
Punjab Cabinet

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ق ليگ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر بائو رضوان صوبائي وزير جي حيثيت سان قسم کڻي ورتو آهي.

تفصيل مطابق گورنر هائوس لاهور ۾ ق ليگ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر بائو رضوان وزير جي حيثيت سان قسم کڻي ورتو آهي، گورنر پنجاب محمد سرور بائو رضوان کان حلف ورتو.

حلف واري تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ارشد داد سميت صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

 بائو رضوان جي قسم کڻڻ کانپوءِ پنجاب ڪابينا ۾ ق ليگ جي وزيرن جو انگ 2 ٿي ويو آهي.

LEAVE A REPLY