هاڻي توهان فيس بڪ تي به غلطي سان موڪليل پيغام ڊليٽ ڪري سگهو ٿا

0
79
Facebook

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ تي جيڪڏهن غلطي سان ڪنهن کي ڪو پيغام موڪليو وڃي يا ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊليٽ فار ايوري ون فيچر جي سهولت ڏني وئي آهي، اهڙي ريت فيس بڪ ۾ به ان سينڊ فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.

ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب فيس بڪ نئون ان سينڊ فيچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن سان واهپيدارن کي آساني ٿيندي ته هو غلطي سان موڪليل پيغامن کي ڊليٽ ڪري سگهندا.

ان نئين اپ ڊيٽ کانپوءِ جڏهن واهپيدار غلطي سان ڪو پيغام موڪليندو يا پيغام موڪليندي غلطي ڪندو ته ان پيغام  تي ڪلڪ ڪرڻ تي ريموو فار ايوري ون جو آپشن ظاهر ٿيندو ۽ پوءِ ريموو يعني ڊليٽ ڪرڻ جو پڇيو ويندو ۽ جڏهن واهپيدار ريموو تي ڪلڪ ڪندو ته پيغام ڊليٽ ٿي ويندو.

فيس بڪ ڪمپني موجب اهو فيچر آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ فونز ۾ ميسينجر ايپ جي نئين ورزن ۾ فراهم ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته غلط پيغام کي ڊليٽ ڪريڻ لاءِ صرف 10 منٽن جو وقت ڏنو ويو آهي ۽ 10 منٽن کانپوءِ واهپيدار پنهنجو پيغام ڪٽي نه سگهندو.

LEAVE A REPLY