سنڌ ۾ گيس جي کوٽ واري معاملي تي سنڌ سرڪار جو وفاق کي خط

0
93
Murad Ali Shah

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ گيس جي سخت کوٽ تي وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو.

تفصيل مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي جنهن ۾ گيس جي سخت کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته گيس جي کوٽ سبب گهريلو ۽ صنعتي واهپيدار مشڪلاتن جو شڪار آهن، سنڌ ملڪي گيس جي پيداوار ۾ تي هزار ايم ايم سي ايف ڊي ڏيندي ۽ سنڌ کي صرف هڪ هزار ٻه سئو ايم ايم سي ايف ڊي گيس ملندو آهي.

 گيس جي کوٽ سبب سنڌ جي معيشت تي خراب اثر پئجي رهيا آهن، وڏي وزير خط ۾ چيو آهي ته آئين جي تحت سنڌ کي گيس جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني وڃي.

LEAVE A REPLY