ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ چونڊن کان اڳ طالبان سان معاهدو ٿي وڃي: آمريڪا

0
130
Zalmay khalilzad

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) زلمي خليل زاد چيو آهي ته افغانستان ۾ جولاءِ جي چونڊ کان اڳ طالبان سان امن معاهدي جي ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن طالبان به چونڊ عمل جو حصو وٺي سگهن.

تفصيل مطابق واشنگٽن ۾ يو ايس انسٽيٽيوٽ آف پيس کي خطاب ڪندي افغان معاملن واري آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ جولاءِ جي چونڊ کان اڳ طالبان سان امن معاهدي جي ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن طالبان به چونڊ عمل جو حصو وٺي سگهن.

هن چيو ته طالبان سان ڳالهيون بلڪل شروعاتي مرحلي ۾ آهن ۽ هڪ ڊگهي سفر جي شروعات جا رڳي ڪجهه قدم ئي کنيا آهن.

سندس چوڻ هو ته طالبان ترت جنگبندي لاءِ تيار ناهن، هو سمجهن ٿا ته اهڙي ريت مطالبا مڃرائڻ مشڪل هوندو.

هن چيو ته اسان افغانستان ۾ ويڙهه جي خاتمي لاءِ امن ٺاهه چاهيون ٿا، اسان هن سال کي افغانستان ۾ امن جو سال قرار ڏيڻ چاهيون ٿا.

آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين ۾ پاڪستان جي سهولتڪاري کي ساراهيون ٿا، جڏهن ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان وڌيڪ ڪردار ادا ڪري، پاڪستان طالبان جي ڌڙن سان ڳالهين جي حق ۾ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي بدلي ۾ پاڪستان کي ڪجهه ناهي ڏنو ويو.

LEAVE A REPLY