ارشاد رانجهاڻي کي قتل ڪندڙ رحيم شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي: ڊي آءِ جي اوڀر

0
211
DIG East

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي.

ايس ايس پي ملير جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي اوڀر عامر فاروقي چيو ته رحيم شاهه کي باقاعدا گرفتار ڪيو ويو آهي، 6 فيبروري تي سندس هٿان ارشاد رانجهاڻي قتل ٿيو هو.

ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ناهي، واقعو رقم ڦرڻ دوران پيش آيو،جهيڙو ذاتي نوعيت جو نه هو.

هن چيو ته بنيادي طور لڳي رهيو آهي ته رحيم شاهه جو نرسري کان پيڇو ڪيو ويو، رحيم شاهه ردعمل ۾ گاڏي جو شيشو لاهي فائرنگ ڪئي، ارشاد رانجهاڻي کي 5 گوليون لڳيون، پر کيس فوري طور اسپتال منتقل نه ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ تان هٿيار هٿ ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي اوڀر چيو ته رحيم شاهه تي الزام آهي ته هن ارشاد رانجهاڻي کي اسپتال پهچائڻ نه ڏنو، زخمي ارشاد کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تان سب انسپيڪٽر رياض حسين کي معطل ڪيو ويو آهي، غلفت ڪندڙ اهلڪارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ارشاد رانجهاڻي ۽ رحيم شاهه ٻنهي ڏوهن جو رڪارڊ موجود آهي.

LEAVE A REPLY