پوليس جي رپورٽ رد ڪيون ٿا، عدالت وينداسين: ارشاد رانجهاڻي جا وارث

0
216

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ارشاد رانجهاڻي جي وارثن پوليس جي جاچ رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ پوليس ساٿاري آهي، عدالتي ڪميشن تي اسان کي اعتماد آهي.

ارشاد رانجهاڻي جي قتل بابت جاچ ڪميٽي جي رپورٽ کي سندس وارثن رد ڪري ڇڏيو، مقتول جي ڀاءُ خالد رانجهاڻي اعلان ڪيو آهي ته هو انصاف لاءِ عدالت جو رد کڙڪائيندا.

ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته واقعي ۾ پوليس به ملوث آهي، ڊي آءِ جي عامر فاروقي پهري ڏينهن کان قاتل کي بچائڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته منهنجو ڀاءُ تڙپي رهيو هو ته پوليس اهلڪار به ان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بدران بدتميزي ڪري رهيا هئا ۽ هن کي گٿا لفظ استعمال ڪري رهيا هئا.

ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته واقعي ۾ پوليس به ملوث آهي، اسان کي وڏي وزير جنهن عدالتي ڪميشن جو چيو آهي ان تي اعتماد آهي، انصاف جي لاءِ عدالت به وينداسين.

واضح رهي ته جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروق پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ارشاد رانجهاڻي کي يوسي چيئرمين رحيم شاهه ڦر دروان مزاحمت تي فائرنگ ڪري ماريو هو.

LEAVE A REPLY