ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ذميوار اهلڪارن سان ڪابه رعايت نه ٿيندي: وڏو وزير

0
121

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جو قتل وڏو ظلم آهي، پوليس اهلڪارن جي لاپرواهي جي حد آهي، ضرورت پئي ته آئون پاڻ انهن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ويندس.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هڪ پاسي اسان قانون پاس ڪري رهيا آهيون ته جاچ کان پهرين علاج لازمي هوندو ۽ اسان جي پوليس تڙپندڙ ماڻهوءَ کي اسپتال کڻي وڃڻ بدران ٿاڻي تي وٺي وئي آهي.

هن چيو ته پوليس جي قانون ۾ تبديلي ضروري آهي، سڀ پوليس وارا هڪ جهڙا ناهن هوندا انهن ۾ انسانيت کي جڳائڻ جي ضرورت آهي.

مراد علي شاهه چيو ته ارشاد رانجهاڻي ڪيس ۾ وڏو ظلم نظر اچي رهيو آهي، ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي ويندي، ضرورت پئي ته آئون پاڻ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويندس.

وڏي وزير چيو ته ارشاد رانجهاڻي جي قتل ۾ پوليس ملوث آهي، جاچ کان اڳ کيس ڦورو قرار ڏنو ويو آهي.

LEAVE A REPLY