ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف ڪارساز تي هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

0
226

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي ڀينس ڪالونيءَ ۾ ارشاد رانجهاڻي جي بيدرديءَ سان قتل واري واقعي خلاف شاهراهه فيصل تي ڪارساز وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

ڪارساز وٽ ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري ارشاد راجهاڻي جي قتل خلاف نعريبازي ڪري ڪئي، قومپرست ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن سوڌو وڏي انگ ۾ شهري ڌرڻي ۾ موجود هئا.

 ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن جو چوڻ هو ته ڪراچي پوليس ارشاد رانجهاڻي کي بي دردي سان قتل ڪندڙ  يوسي چيئرمين رحيم شاهه کي گرفتار ته ڪيو آهي پر اُن کي ڏوهاري قرار نه ڏنو آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته رحيم شاهه کي ارشاد رانجهاڻي جو قاتل قرار ڏئي کيس ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج هوندا.

صوبائي وزير ناصر شاهه،صوبائي وزير سعيد غني ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن کي مڪمل انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY