روينيو کاتي جي ماتحت ڪلفٽن واري سب رجسٽرار آفيس ڦرلٽ جوڳڙهه

0
82

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )سنڌ ۾ روينيو کاتي جي ماتحت ڪلفٽن واري سب رجسٽرار آفيس ڦرلٽ ڳڙهه بڻجي چڪي آهي.

رجسٽرار آفيس ۾ رشوت وٺڻ واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي، جنهن ۾ڏسي سگهجي ٿو ته شهري پنهنجي جائز ڪم جي لاءِ عملدارن کي رشوت ڏئي رهيوآهي.

وڊيو ۾ اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته سب رجسٽرارجو جونيئر ڪلارڪ مظهر راڄپر شهري کي ملڪيت منتقل ڪرڻ جي لاءِ رشوت جي مد ۾ شهري کان 35 هزار رپيا وصول ڪيا.

وڊيو ۾ رسيد جاري ڪرڻ وارو ڪلرڪ به رشوت وٺندي گهري رهيو آهي ۽ شهري کان  رڳو  رسيد جاري ڪرڻ لاءِ هڪ هزار رپيا وصول ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته فائل کي هڪ ٽيبل کان ٻي ٽيبل تائين پهچائڻ لاءِ آفيس جي  پٽيوالن جو کيسوگرم ڪرڻ به شهرين جو فرض آهي.

شهري جڏهن ٽن هنڌتن ان رشوت ڏئي وڃي ٿو ته هڪ ڪلرڪ ڪم اڻپورو هئڻ جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ نادرا ويري فيڪشن لاءِ به کائنس ڏوڪڙ گهري ٿو.

ٻي  پاسي رشوت ڏيڻ جي ڪيترائي ڏينهن  گذرڻ باوجود فائل ٽرانسفر نه ٿي ته شهري سب رجسٽرار اسماعيل راهيپوٽو سان ملاقات  ڪئي، جنهن ۾ هن وري  مسئلو حل ڪرڻ بدران رشوت گهٽ ڏيڻ جي شڪايت ڪئي.

LEAVE A REPLY