ارشاد رانجهاڻي جو قتل: رحيم شاهه سميت پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل

0
267
Irshad Ranjhani

ڪراچي: يوسي چيئرمين هٿان ڦورو ڄاڻائي قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي ڀينس ڪالوني ۾ يوسي چيئرمين رحيم شاهه هٿان ڦورو ڄاڻائي بيدردي سان قتل ڪيل قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جو ملير ضلعي جي شاهه لطيف ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ جو قلم به شامل ڪيو ويو آهي.

قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ خالد رانجهاڻي پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر نمبر 105 / 19 ۾ قلم 302 .201. 34 پي پي سي ۽ 7 ATA دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آھن

ايف آءِ آر ۾ ڀينس ڪالوني جو يوسي چيئرمين رحيم شاھ سندس پٽ حسن شاھ ، ڊي ايس پي ملير سٽي شوڪت شاهاڻي، سب انسپيڪٽر رياض عامر ۽ 2 نامعلوم گارڊ نامزد ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر داخل ٿيڻ وقت سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جسقم جو چيئرمين صنعان خان قريشي، قوم پرست اڳواڻ پنهل ساريو ، آصف بالادي، سينيئر صحافي شوڪت زرداري، ذوالفقار قادري، مهيش ڪمار، جيئي سنڌ تحريڪ جو ترجمان سيد مسعود شاھ، ملير بار جي صدر رائو زاهد کان سواء وڏي تعداد ۾ ڪارڪن پڻ موجود هئا.

LEAVE A REPLY