سنڌ جي ڊاڪٽرن سڀاڻي کان ٻيهر هڙتال جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

0
165
Sindh Doctors Protest

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ڊاڪٽرن پاران ٻيهر سنڌ جي سمورين اسپتالن جي تمام شعبن جي بائيڪاٽ جو چتاٌءُ.

تفصيل موجب سنڌ ڊاڪٽرز جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي چتاءُ ڏنو آهي ته 12 فيبروري تائين سندن مطالبا نه مڃا ويا ته 13 فيبروري کان مطالبن جي مڃتا تائين سنڌ جي سمورين اسپتالن جي تمام شعبن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر پير منظور علي، ڊاڪٽر گهزار جماڻي ۽ ٻين چيو ته 28 جنوري کان 30 جنوري تائين سنڌ جي ڊاڪٽرن جائز ۽ قانوني مطالبن لاءِ سنڌ جي اسپتالن جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو هيو.

 هنن چيو ته احتجاج دوران هڙتال جو فيصلو به مجبوري ۾ ڪيو ويو هو ته سنڌ حڪومت ڊاڪٽرن جي مطالبن ۽ ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي آرڊر کي نه مڃي رهي هئي.

 احتجاج دوران صوبائي وزير صحت 3 ڏينهن جو واعدو ڪيو هو ته سندن مطالبا حل ڪيا ويندا پر 12 ڏينهن گذرڻ باوجود هڪ به مطا لبو منظورنه ڪيو ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته هاڻ سنڌ حڪومت جي ڪوڙن دلاسن تي نه هلبو هن ڀيري مطالبن جي مڃتا تائين سواءِ ايمرجنسي جي سنڌ جي سمورين اسپتالن جي تمام شعبن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

 ان دوران ڪي مزاڪرات نه ٿيندا اسان کي صرف مطالبن جي مڃتا جو نوٽيفڪيشن کپي.

ڊاڪٽرن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سندن پگهارون ٻين صوبن جي ڊاڪٽرن جي برابر ڪيون وڃن، ڊاڪٽرن کي مستقل سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي ۽ صحت کاتي سنڌ مان ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي.

LEAVE A REPLY