ارشاد رانجهاڻي جو قاتل 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

0
102

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي عدالت نوجوان ارشاد رانجهاڻي جي قتل ڪيس جي مک جوابدار رحيم شاهه ۽ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او رياض عامر کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

نوجوان ارشاد رانجهاڻي کي بي دردي سان قتل ڪندڙ يوسي چيئرمين رحيم شاهه ۽ ايڊيشنل ايس ايڇ او ياض عامر کي جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جوابدار رحيم شاهه خلاف شاهه لطيف ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيل آهي،جڏهن ته ايڊيشنل  ايس ايڇ اوکي فرضن ۾ ڪوتاهي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

 واضح رهي ته قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي 6 فيبروري تي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ يوسي چيئرمين رحيم شاهه ڦورو ڄاڻائي ماريو هو.

ارشاد رانجهاڻي کي يوسي چيئرمين رحيم شاهه گوليون هڻي تڙپڻ جي لاءِ روڊ تي ڇڏي ڏنو ۽ ڪنهن کي به ويجهو اچڻ نه ڏنو، جنهن ڪري نوجوان فوري طور اسپتال منتقل نه ٿي سگهيو هو.

اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان کي اسپتال کڻي وڃڻ بدران ٿاڻي تي کڻي وئي، جنهن ڪري ارشاد رانجهاڻي تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو هو.

معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ارشاد رانجهاڻي جي وارثن سميت پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، جنهن جو وڏي وزير نوٽيس ورتو ۽ واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

وڏي وزير جي هدايت تي سنڌ جي گهرو کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن کانپوءِ مقتول جي وارثن پوليس جي رپورٽ کي به رد ڪندي جوابدار تي ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

LEAVE A REPLY