حڪومت حج پاليسي 2019 جاري ڪري ڇڏي

0
148

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) مذهبي معاملن واري وزارت حج پاليسي 2019 جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ درخواستون 25 فيبروري کان 6 فيبروري تائين وصول ڪيون وينديون.

مذهبي معاملن واري وزارت موجب هلندڙ سال هڪ لک 84 هزار 210 پاڪستاني حج جو فرض ادا ڪري سگهندا، اسڪيم تحت هڪ لک 7 هزار ۽ نجي اسڪيم ۾ 71610 ماڻهو حج ادا ڪندا.

حج پاليسي 2019 لاءِ حج خرچ قرباني کانسواءِ 4 لک 36 هزار 975 رپيا هوندو، پاليسي مطابق قرباني جو خرچ 19 هزار 451 رپيا ڌار ادا ڪرڻو پوندو.

مذهبي معاملن واري وزارت موجب حج قرعه اندازي ۾ 3 سال ناڪام رهندڙ لاءِ 10 هزار ڪوٽا رکي وئي آهي جڏهن ته 80 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ 10 هزار حج ڪوٽا رکي وئي آهي.

LEAVE A REPLY