سعودي عرب جا مرد هاڻي پنهنجي عورتن جي چُر پر تي نظر رکي سگهندا

0
109
Saudi Arabia Ladies app

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ هاڻي مرد پنهنجي عورتن جي چُر پر تي نظر رکي سگهندا.

تفصيل موجب سعودي عرب ۾ ابشر نالي هڪ اهڙي ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن ذريعي سعودي جا مرد پنهنجي عورتن جي چُر پر تي مڪمل نظر رکي سگهندا.

 جڏهن به عورتون بنا اطلاع جي سفر لاءِ مملڪت کان ٻاهر وينديون ته ان جي والدين يا مڙس کي خبر پئجي ويندي.

 ابشر سبب جيڪڏهن ڪابه سعودي عورت ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ پنهنجو پاسپورٽ پيش ڪندي ته اتي موجود اميگريشن طرفان عورت جي مڙس يا ولي کي هڪ ميسيج ملندو جنهن ۾ ڄاڻايل عورت جي مملڪت کان ٻاهر وڃڻ بابت آگاهه ڪيو ويندو ته ڇا هن کي وڃڻ ڏجي.

 گوگل پلي ۽ ايپل جي ايپ اسٽور تان هي ايپ موجود آهي.

واضح رهي ته سعودي قانون تحت جيڪڏهن عورت جو ولي چاهي ته ان جي ملڪ اندر ۽ پرڏيهه سفر تي پابندي لڳائي سگهي ٿو.

 ابشر نالي ايپ سعودي جي سرڪاري طور تي متعارف ڪرائي وئي آهي.

LEAVE A REPLY