پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريڊيو جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

0
113
World Radio Day

ڪراچي: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريڊيو جو عالمي ڏينهن اڄ ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي.

 سڄي دنيا ۾ هر سال 13 فيبروري تي گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو تحت ريڊيو جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

 ان ڏينهن کي ملهائڻ جو فيصلو 3 نومبر 2011ع تي يونيسڪو جي 36 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو.

ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ ريڊيو جي اهميت ۽ افاديت کان آگاهه ڪرڻ آهي ڇو ته اڄ جي دور ۾ جديد ترين ذريعن سڌ سماءَ جو ذريعو هجڻ باوجود هڪ هاڪاري ۽ سستو سڌ سماءَ وارو ذريعو آهي.

ريڊيو نشريات جي شروعات 1906ع ۾ ٿي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين آزاد، خودمختيار ملڪ پاڪستان جو اعلان ريڊيو پاڪستان سان ڪيو ويو هو.

1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران ريڊيو پاڪستان پاران لازوال ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ويو.

انتهائي گهٽ وقت ۾ بي شمار يادگار ملي نغما تخليق ڪيا ويا، جن ۾ عوام ۽ پاڪستاني فوج جي حوصلن کي بلند ڪيو ويو هو.

LEAVE A REPLY