خالي قبرن جي للڪار

0
170
Hamid Mir
حامد مير / سينيئر صحافي

هي هڪ خالي قبر جي ڪهاڻي آهي. هن قبر تي هڪ وڏو ڪتاب به نصب آهي.  ڪتاب تي هڪ نالو به لکيل آهي پر جنهن جي نالي تي هي قبر ٺاهي وئي آهي ان باوجود هن قبر کي محروم رکيو ويوهو. هي هڪ اهڙي انسان جي ڪهاڻي آهي جنهن کي مرڻ کانپوءِ به جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽ هِن جي قبر کي سندس تابوت جو انتظار آهي. هي رڳو هڪ خالي قبر جي نه پر هڪ تابوب جي قيد جي ڪهاڻي آهي. هي هڪ خوف ۾ ورتل ايٽمي رياست جي مضبوط فوج جي شڪست جي ڪهاڻي آهي،  جيڪا رڳو جيئرن انسانن کي نه پر مئل انسانن کي به قيد ۾ رکندي آهي. هي شهيدِ ڪشمير مقبول بٽ جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي 11 فيبروري 1984ع ۾ دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ڦاهي ڏئي کيس جيل جي اندرئي دفنايو ويو.

ڀارت جي ظالم رياست مقبول بٽ جي جسم کي پنهنجي جيل ۾ دفنائي دراصل ڪشمير مسئلي کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڀارتي رياست جو هي ظلم مقبول بٽ جي ڪاميابي بڻجي ويو. مقبول بٽ جي ڦاهي مقبوضہ جمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ تشدد سان آزادي جي هڪ نئين تحريڪ جي شروعات بڻجي وئي. هي هڪ خالي قبر نه پر وڏي رياستي ظلم جي ڪهاڻي آهي. سچائي هميشه تلخ هوندي آهي ۽ مقبول بٽ جي ڪهاڻي هڪ نه پر ٻن رياستن جي ظلمن بابت تلخ حقيقتن سان ڀريل آهي. هڪ پاسي ظالم هئا ٻئي پاسي ڌوڪيباز حڪمران. مقبول بٽ ٻنهي جا سور سٺا پر پنهنجي ايندڙ نسل کي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستاني حڪمرانن ڪشميرين سان ڌوڪا ڪيا پر پاڪستان جي عوام تي هميشه اعتماد رکن شايد ان جوڪارڻ اهو هو ته مقبول بٽ کي جڏهن به پاڪستاني رياست قيد ڪيو ته پاڪستان جي عوام سندس آزادي لاءِ آواز اٿاري ۽ پاڪستان جي عدالتن کيس آزاد ڪيو .   مقبول بٽ جي ڪهاڻي پاڪستان جي عوام سان سندس محبت ۽ وفا جي ڪهاڻي آهي. هِن ڪهاڻي جي شروعات 18 فيبروري 1938ع ۾ رياست ڄمون ڪشمير جي ضلعي ڪپواڙا جي  هندواڙا جي هڪ ڳوٺ تريهگام ۾ ٿي، جتي هڪ غريب هاري غلام قادر بٽ جي گهر ۾ مقبول بٽ جنم ورتو. هو رڳو اٺ ورهين جو هو جڏهن پنهنجي علائقي جي هڪ جاگيردار جي ظلم خلاف احتجاج ڪندي سندس گاڏي اڳيان ليٽي پیو. سينٽ جوزف اسڪول سرينگر ۾ تعليم دوران هو آزادي جي حق ۾ تقريرون ڇا ڪندو هو پوليس سندس ڳولا لاءِ ڇاپا هڻندي رهندي هئي ان ڪري بي اي جو امتحان ڏئي هو پنهنجي چاچا عزيز بٽ سان گڏ پشاور اچي ويو جتي هُن پشاور يونيورسٽي مان ايم اي اردو ڪيو ۽ هتي ئي سندس دوستي پنهنجي دور جي عظيم شاعر احمد فراز سان ٿي. مقبول بٽ روزنامو انجام پشاور سان عملي صحافت جو آغاز ڪيو. هڪ اخبار بانگِ حرم ۾ به ڪم ڪيو. هفتيوار خيبر جي نالي سان هفتیوار انگريزي رسالو به ڪڏهيو. مقبول بٽ قائداعظم جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر ڪي ايڇ خورشيد جي تمام گهڻو ويجهو هو ۽ انهي جي چوڻ تي هُن آزاد ڪشمير جي سياست ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيو. ڪي ايڇ خورشيد دراصل محترمه فاطمه جناح جي تمام گهڻو ويجهو هو ۽ جڏهن جنرل ايوب خان محترمه فاطمه جناح بابت گستاخيون شروع ڪيون ته ڪي ايڇ خورشيد آزاد ڪشمير جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

مقبول بٽ جو دل سياست مان جلدي ٽُٽي ويو. 4 اپريل 1965ع ڌاري هُن عبدالخالق انصاري ، جي ايم لون، امان الله خان ۽ غلام محمد جراح سان گڏجي ڄمون وڪشمير محاذِ رائي شماري قائم ڪيو. هي سڀ ماڻهون سيالڪوٽ ۽ ڄمون جي سرحد تي واقع قصبي سوچيت گڙهه وٺ ويا ۽ والاريل ڄمون جي مٽي کڻي سڀني مادرِ وطن جي آزادي لاءِ جان قربان ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن تنظيم جي عسڪري ونگ طور خاموشي سان نيشنل لبريشن فرنٽ جوڙي وئي. 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ آپريشن جبرالٽر جي ڪري شروع ٿي  هِن آپريشن جي ناڪامي جو سڀ کان وڏو سبب هي ٻڌایو ویو ته مقامي ڪشميري آبادي پاڪستان کان ايندڙ جو ساٿ نه ڏنو. مقبول بٽ فيصلو ڪيو ته ڪشمير جي آزادي لاءِ پاڪستاني رياست جي بجاءِ پنهنجو زور آزمايو وڃي ۽ 10جنوري 1966ع تي هو پنهنجي چار ساٿين سان گڏ والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿي ويو. هُن پنهنجون مسلح ڪارروائيون شروع ڪيون ته مقامي آبادي پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻي سندن ساٿ ڏيندي هئي. ڪجهه عرصي کانپوءِ هُو پنهنجي ساٿين صوبيدار ڪالا خان ۽ مير احمد سان گڏ گرفتار ٿي ويو. آگسٽ 1968ع ۾ هڪ مقامي جج نيل ڪنٺ گنجو هُن کي سي آءِ ڊي آفيسر امرچند جي قتل جي الزام ۾ ڦاهي جي سزا ڏئي ڇڏي. 8ڊسمبر 1968ع  ۾هڪ ٿڌي رات ۾ مقبول بٽ پنهنجي ساٿين سان گڏ سرينگر جيل اندر 38فٽ ڊگهي سرنگ ٺاهي فرار ٿي ويا. ڪيرائن ئي هفتن تائين برف جي جبلن تي سفر ڪرڻ سبب هُنن سڀني جا پير زخمي ٿي پيا. هي وڏي مشڪل سان والاريل ڪشمير ۽ آزاد ڪشمير جي وچ ۾ واقع لائن آف ڪنٽرول تائين پهتا ۽ مقامي ماڻهن کي پنهنجي اصليت ٻڌائي. مقامي ماڻوو هُنن کي ڪُلهن تي کڻي ڳوٺ آيا ۽ ھنن جي زخمن جو علاج ڪيو. مقبول بٽ پاڻ پاڪستاني فوج کي ڄاڻ ڪرائي ته ھن کي چناري آندو ويو. فوجي جوانن به هن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي پر جڏهن صدر پاڪستان جنرل ايوب خان کي خبر پئي ته هي اهوئي مقبول بٽ آهي جيڪو ڪي ايڇ خورشيد جو ساٿي آهي ته حڪم ڏنو ويو ته سرينگر جيل مان فرار ٿيندڙ انهن ٽنهين ماڻهن کي مظفرآباد جي بليڪ فورٽ ۾ بند ڪيو وڃي.

جنرل ايوب خان جي حڪم تي مقبول بٽ سان جيڪو تشدد ڪيو ويو اُن تي هو تمام گهٽ زباب کوليندو هو. چوندو هو غيرن جي ظلم تي ته رڙيون ڪري سگهان ٿو پر پنهنجن جي ظلمن تي ڇا چوان؟ جنرل ايوب خان جو خيال هو ته مقبول بٽ معاهده تاشقند جي خلاف هڪ خطرو آهي ان ڪري هن کي قيد ۾ رکيو وڃي پر مقبول بٽ جي گرفتاري خلاف آزاد ڪشمير سميت پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ هُو آزاد ٿي ويو. 1970ع جون چونڊون ویجھو آيون ته مقبول بٽ آزاد ڪشمير سان گڏو گڏ گلگت بلتستان ۾ به چونڊن جو مطالبو ڪيو. جڏهن به گلگت بلتستان جي حقن بابت آواز اٿاريندو هو هُن کي گلگت ۾ گرفتار ڪيو ويندو هو.

30جنوري 1971ع تي ٻن ڪشمري نوجوانن هاشم قريشي ۽ اشرف قريشي ڀارتي ايئرلائنز جو هوائي جهاز ’’گنگا ‘‘ اغوا ڪري ورتو ۽ لاهور کڻي آيا. اُن هائي جيڪنگ جي الزام هيٺ هڪ دفعو ٻيهر مقبول بٽ کي گرفتار ڪيو ويو. ٻن سالن کانپوءِ هُو آزاد ٿيو ته پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هڪ گڏجاڻي ۾ هُن کي پيشڪش ڪئي ته توهان پيپلزپارٽي ۾ اچي وڃو ته آزاد ڪشمير جا وزيراعظم بڻجي سگهو ٿا. مقبول بٽ شڪريو ادا ڪري چيو ته منهنجي منزل وزيراعظم ٺهڻ نه پر ڪشمير جي آزادي آهي. 1976ع ۾ هُو واپس والاريل ڪشمير هليو ويو ۽ ٻيهر گرفتار ٿيو. جنرل ضياءالحق جو دور آيو ته هُن جي پرڏيهي وزير آغا شاهي هُن کي ڪشمير ۾ تحريڪ آزادي جي مدد جو مشورو ڏيندو هو پر جنرل ضياء هي مشورو نظر انداز ڪري ڇڏيندو هو ڇو جو هُو آمريڪا سان گڏ افغانستان ۾ مصروف هو. ان دوران 1984ع ۾ ڀارت سياچن جي چوٽين تي قبضو ڄمائي ورتو ته جنرل ضياء جون اکيون کليون. اُن سال 11فيبروري تي مقبول بٽ کي ڦاهي ڏني وئي ۽ ڪشمير ۾ مظاهرا شروع ٿيا ته پاڪستان جي پاليسي ۾ به تبديلي آئي ۽ ڪشميرين جي کُلي حمايت ڪئي وئي. 1973ع ۾ مقبول بٽ ڪيمپ جيل لاهور ۾ قيد هو هُن جيل مان پنهنجي ساٿي جي ايم مير جي ڌيءَ عذرا مير جي خط جو جواب ڏيندي لکيو ته هُن کي پاڪستان نه پر پاڪستان جي غدار حڪمران ٽولي جيل ۾ بند ڪيو. هُن لکيو ’’پاڪستان جي عوام اسان جا اصلي دوست ۽ حامي آهن، جڏهن به ڪشميري اڳيان وڌندا ته هي هُنن سان گڏ هوندا‘‘. هي خط مقبول بٽ جي تمام گهڻن خطن تي ٻڌل ڪتاب ’’شعور ِ فردا‘‘ ۾ شامل آهي. هن ڪتاب تي 21 آگسٽ 1998ع ۾ نوازشريف جي حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي هئي پر پاڪستاني عوام جي دلين مان مقبول بٽ جي محبت کي ختم نه ڪري سگهيا. سرينگر جي مزارِ شهداء ۾ مقبول بٽ سان گڏو گڏ افضل گرو جي قبر به خالي آهي جنهن کي 2013ع ۾ تهاڙ جيل ۾ ڦاهي ڏئي اُتي هي دفنايو ويو هو. هي خالي قبرون اڄ پُڪاري نه للڪاري رهيون آهن ۽ دنيا کي ٻڌائي رهيون آهن ته ڪشميري پنهنجي آزادي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين، موت قبول آهي غلامي نه. . .

LEAVE A REPLY