چين ۾ شاگرد هاڻي هوم ورڪ ڪرڻ کان آزاد، روبوٽ هوم ورڪ ڪرڻ لڳا

0
107
China Robot

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ هاڻي شاگردن جو هوم ورڪ روبوٽ ڪندا.

تفصيل موجب هڪ شاگرد قمري نئين سال ( لونر نيو ايئر) تي ملندڙ اسڪول جي ڪم جو ريڪارڊ وقت کان اڳ ختم ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو پر پوءِ انڪشاف ٿيو ته هن اهولکت وارو ڪم روبوٽ ذريعي ختم ڪيو.

 ان کان پوءِ خبر پئي ته چيني علائقي هاربن سان واسطو رکندڙ سيڪنڊري جماعت جي هڪ شاگرد 118 ڊالر يا پاڪستاني 15 هزار رپين سان هڪ مينانڪي روبوٽ ٺهرايو جيڪو گھڻي تيزي سان هن جو هوم ورڪ ۽ اسائنمنٽ مڪمل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ائين هن فوري طور تي پنهنجو هو ورڪ ختم ڪري ڇڏيو.

هن جي غلطين کان پاڪ صاف لکت ڏسي سندس ماءُ به پريشان ٿي وئي هن جي ماءُ جڏهن ٻار جي ڪمري کي ڏٺو ته ڪمري مان تارن، لوهه ۽ ٻين شين سان ٺهيل هڪ اوزار مليو.

ٻار جي ماءُ  اهو روبوٽ ڀڃي ڇڏيو ۽ هن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري پنهنجي پٽ کي دوکي باز قرار ڏنو.

هن پوسٽ ۾ لکيو ته “روبوٽ هوم ورڪ ته ڪري سگھي ٿو پر ڇا اهو امتحان ۾ به ڪا مدد ڪري سگھندو؟ ان کان پوءِ چيني سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحٽ شروع ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي شاگردن اهڙا روپوٽ خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY