پي ٽي آءِ وارا ٻار آهن، رڳو عمران خان ئي پي ٽي آءِ آهي:شيخ رشيد

0
136
Shaikh Rasheed

لاهور: شيخ رشيد چيو ته تحريڪ انصاف ۾ منهنجو ڪو به مخالف ناهي، عمران خان منهنجو ڀاءُ آهي، پي ٽي آءِ وارا ٻار آهن، رڳو عمران خان ئي پي ٽي آءِ آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آصف علي زرداري جو تحريڪ هلائڻ وارو فيوز اڏل آهي ۽ پاس ورڊ گم ٿي ويو آهي.

وفاقي وزير چيو ته آغا سراج دراني جي گرفتاري تي سنڌ ۾ هڪ پکي به پر نه هنيو آهي، شهباز شريف کانسواءِ ڪنهن کي ڊيل يا ڍر جي ڳالهه ڪندي نه ڏٺو آهي.

هن چيو ته نواز شريف اقتدار مان لهندي ئي بيمار ٿي پوندو آهي، نواز شريف کي کليل هوا گهرجي، لال حويلي جي ڇت کليل آهي.

انهن ماڻهن کي اهڙي بيماري نڪري ٿي جنهن جو پاڪستان ۾ ڪو به علاج ناهي رڳو برطانيا ۾ ئي علاج ٿيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ۾ منهنجو ڪو به مخالف ناهي، عمران خان منهنجو ڀاءُ آهي، پي ٽي آءِ وارا ٻار آهن، رڳو عمران خان ئي پي ٽي آءِ آهي.

شيخ رشيد چيو ته مان پي اي سي جو ميمبر آهيان جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي، جنهن ڏينهن چاهيندس پي اي سي ۾ هليو ويندس.

هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت حملو ڪيو ته هڪ ڌڪ سان سمورا قرض چڪائي ڇڏينداسين.

LEAVE A REPLY