چين ڪمپيوٽر سان ٺهيل عورت نيوز اينڪر تيار ڪري ورتي

0
78
China Robot News Anchor Human

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ هڪ نيوز ايجنسي ڪمپيوٽر جي مدد سان عورت نيوز اينڪر تيار ڪري ورتي.

تفصيل مطابق ڪجهه مهينا اڳ چين جي پهرين ڪمپيوٽر سان ٺاهيل نيوزاينڪر جون تصويرون دنيا ۾ مشهور ٿيون هيون.

هاڻ سرڪاري زنهوا نيوز ايجنسي ڪمپيوٽر جي مدد سان هڪ ٻي عورت نيوز اينڪر ٺاهي آهي، جيڪا ڏسڻ ۾ غير معمولي طور عام انسانن جيان ڏسجي ٿي.

ڪمپيوٽرائزڊ نيوز اينڪر جو آواز ۽ لهجو باقائده سرڪاري نيوز ڪاسٽر ڪيو مينگ جهڙو ٺاهيو ويو آهي.

ان کان اڳ هي ڪمپني ڪمپيوٽر سان تيار ٿيل 2 مرد نيوز ڪاسٽر به تيار ڪري چڪي آهي، جيڪي ٻئي گڏجي 10 هزار منٽ جون 34 سئو خبرون پڙهي چڪا آهن

ڪمپيوٽر ۽ هٿرادو ذهانت جي مدد سان ٺاهيل هي روبوٽ نيوز ڪاسٽر حقيقي نيوز اينڪر جيان خبرون پڙهڻ ۽ تاثر ڏيڻ سان گڏ گهمي ڦري به سگهندا.

LEAVE A REPLY