پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ: ڪيترن ئي ملڪن جون امن لاءِ ڪوششون

0
146
Pakistan India Issue

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ملڪ ميدان تي اچي ويا آهن.

تفصيل موجب گڏيل عرب امارات جي ولي عھد محمد بن زيدالنھيان پاران ٻنھي ملڪن کي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي زور ڏنو آھي.

ولي عھد پاران وزيراعظم عمران خان ۽ نريندر مودي سان فون تي ڌار ڌار رابطو ڪيو ويو.

يو اي اي ولي عھد چيو تھ صورتحال کي دانشمندي سان منھن ڏيڻ جي ضرورت آھي، پاڪستان ۽ ڀارت پرامن ڳالھين کي اھميت ڏين.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪجهه هاڪاري خبرون مليون آهن، ڇڪتاڻ جلد ختم ٿي ويندي.

ھوڏانھن گڏيل قومن پاران پڻ پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي.

گڏيل قومن پاران چيو ويو آھي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽائڻ لاءِ گڏيل قومون ھر ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون، ٽياڪڙي به ڪري سگھجي ٿي.

جڏھن ته روس پاران پڻ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي آھي ۽ چيو آھي ته امن لاءِ ڳالھيون ڪرڻ گھرجن.

LEAVE A REPLY