ٿوم ۽ بصر ڪينسر کان بچاءُ ۾ مددگار

0
126
HealthNews

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) عام استعمال ٿيندڙ مشهور ڀاڄيون ٿوم ۽ بصر هر کاڌي جون حصو هونديون آهن ۽ هاڻ ڪينسر جي خلاف سندن فائدو سامهون اچي ويو آهي.

ان کانسواءِ سائو بصر ۽ ان سان تعلق رکندڙ ٻيون ڀاڄيون به ڪينسر جي موذي مرض کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن ڇو ته اهي ايليئم ڀاڄيون آهن، انهن ۾ فليوينولز، آرگينوسلفر ۽ ٻيا اهم حياتي جزا ملندا آهن جيڪي ڪينسري خلين کي روڪڻ ۾ مددگار هوندا آهن.

تفصيل موجب چائنا ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ واقع فرسٽ هاسپيٽل جي ماهرن چيو آهي ته جيڪڏهن انهن ڀاڄين جو تعداد وڌايو وڃي ته ماڻهو آنڊن جي ڪينسر کان محفوظ رهي سگهن ٿا.

 ان کي بوويل ڪينسر به چوندا آهن جيڪو آمريڪا ۾ ملندڙ ٽيون عام ڪينسر آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته جتي ڳاڙهو گوشت ۽ ٻين گاڌن جي واڌ ڪينسر جو سبب بڻجندي آهي ته ٻيون ڀاڄيون ۽ ميوا ڪينسر کي روڪي به سگهن ٿا.

ماهرن ان جي لاءِ آنڊن ۽ معدي جي ڪينسر ۾ مبتلا 833 مريضن ۽ ٻين صحتمند 833 رضاڪارن کان انهن جي کائڻ پيئڻ جي عادتن تي هڪ ڊگهي سوالنامي تي ڪرايو ته خبر پئي ته ٿوم ۽ بصر کائڻ جي عادت وڏ حد تائين معدي جي ڪينسر کي روڪيندي آهي.

 اهڙي طرح ٿوم ۽ بصر جو استعمال اهڙي طرح جي ڪينسر کي 80 سيڪڙو تائين روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

LEAVE A REPLY