انتظاميا جي بي ڌياني سبب پي پي ايڇ آءِ جو صحت مرڪز مسئلن جي ورچڙهيل

0
144
PPHI

تنگواڻي: انتظاميا جي بي ڌياني، پي پي ايڇ آءِ جو صحت مرڪز مسئلن جي ورچڙهي ويو، عمارت به تباهه ٿيڻ لڳي.

 سنڌ جي بيمار  اسپتالن کي بحال ڪرڻ ۾ پي پي ايڇ آءِ جي اڻٿڪ ڪوششن کان پوءِ جتي اڪثر اسپتالون بهترين حالتن ۾ آهن اتي بي ايڇ يو ماڙي شير محمد بجاراڻي جهڙا صحت مرڪز انتظاميا جي بي ڌياني سبب مسئلن جي ورڇڙهي ويا آهن.

شير محمد بجاراڻي تعلقي تنگواڻي ۾ انتظاميا جي بي ڌياني سبب صحت مرڪز جي عمارت تباهه ٿيڻ لڳي آهي.

بي ايڇ يو جي هن صحت مرڪز ۾ چوديواري، پيئڻ جو صاف پاڻي، بيمارين کان بچاءَ وارا حفاظتي ٽُڪا، ويم گهر، ايمبولينس سميت کابه سهولت موجود ناهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته اسان ڪيترائي ڀيرا (پي پي ايڇ آءِ) جي اعليٰ انتظاميا کي لکت ۾ آگاهه ڪري چڪا آهيون پر ڪنھن به اسان جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو آهي.

رهواسين سنڌ حڪومت ۽ پي پي ايڇ آءِ جي اعليٰ انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته سندن بنيادي مسئلا حل ڪري کين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

LEAVE A REPLY