آمريڪي اخبار ڀارتي فوج جي صلاحيت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

0
105
NewYork Times Report

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڀارتي فوج جي صلاحيت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.

تفصيل موجب آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪ هوائي فوج جي ڀيٽ ۾ ڀارتي هوائي فوج جي پٺتي موٽ کي شڪست قرار ڏنو ۽ چيو ته ڀارت فوج جي اهليت ڳڻتي جوڳي حد تائين متاثر آهي.

اخبار سرڪاري انگن اکرن جو حوالو ڏيندي لکي ٿي ته جيڪڏهن جنگ لڳي ٿي ته ڀارت پنهنجي فوجين کي رڳو 10 ڏينهن هٿيار فراهم ڪري سگهي ٿو.

 رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج جا 68 سيڪڙو جنگي هٿيار ايترا پراڻا آهن جو انهن کي باضابطا طور استعمال جوڳو ناهي سمجهيو ويندو.

نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۽ ڀارت جي هوائي حدن ۾ ٻنهي فوجن جي جهازن جي Dogfight (جھازن جي هوائي ويڙهه) ڀارت جي فوج جي صلاحيت ۽ ڀارتي فوج جي ڪارڪردگي جو امتحان هو، جنهن ۾ پاڪستان ڪاميابي سان ڀارتي هوائي فوج جي سوويت دور جو مِگ 21 جهاز تباهه ڪيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج کي پيش چئلينج ڪنهن کان به ناهن لڪل، گذريل پنجن ڏهاڪن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اها پهرين هوائي جهڙپ هئي جيڪو ڀارتي فوج جو امتحان هو ۽ ڀارت کي هڪ اهڙي فوج سان مقابلي ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو جيڪا سائز ۾ اڌ ۽ جنهن جي بجيٽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي.

 رپورٽ مطابق ڀارت جي 45 بلين ڊالرن جي بجيٽ ۾ رڳو 14 بلين ڊالر جديد هارڊويئر خريد ڪرڻ تي خرچ ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته باقي بجيٽ پگهارن سميت ٻين ڪمن تي خرچ ڪئي ويندي آهي.

 رپورٽ مطابق ڀارت جي دفاعي پارليامينٽري ڪميٽي جي ميمبر گورو گوگوائي جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج جديد هٿيارن جي فراهمي کانسواءِ ايڪويهين صدي جا ملٽري آپريشن ڪرڻ تي مجبور آهي.

LEAVE A REPLY