ماهرن کير پيئندڙ ٻارن کي پاڻي پيارڻ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

0
167
Health

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته 6 مهينن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پاڻي پيارڻ انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.

تفصيل موجب طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت پنهنجي ننڍڙن ٻارن جو موت جو سبب بڻجي سگهن ٿا، ان موجب جڏهن اسان تمام گهڻو پاڻي پي وٺون ٿا ته اهو رت ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.

 جنهن سبب رت ۾ موجود لوڻ يا سوڊيم جي سطح گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، رت ۾ سوڊيم جي سطح في گيلن جي حساب سان 0.4 اونس ٿي وڃي ته جسم هائپونيٽرميا جو شڪار ٿي ويندو آهي.

 هائپونيٽرميا جي صورت ۾ جسم جا خليا واڌو پاڻي کي پنهنجي اندر جذب ڪري سوڊيم جي سطح معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

 نتيجي طور جسم ۾ موجود خليا ڦوڪڻن جيان ڦوڪجي ويندا آهن ۽ الٽي ۽ موشن دوران ڇڪ واري ڪيفيت محسوس ٿي  سگهي ٿي.

 ايٿليٽس ۾ اها ڪيفيت عام هوندي آهي ڇو ته هو تمام گهڻو ۽ لڳاتار پاڻي پيئندا آهن.

 اهڙي صورت ۾ پاڻي دماغ جي خلين تائين به پهچي سگهي ٿو جنهن کانپوءِ دماغ جا خليا به ڦوڪجي ويندا آهن ۽ کوپڙي تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي، ان سان دماغ کي نقصان پهچڻ جو خطرو هوندو آهي جڏهن ته موت واقع ٿيڻ جو خدشو به پيدا ٿي ويندو آهي.

LEAVE A REPLY