پشاور زلمي لاهور قلندرز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
148
PZvsLQ

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي 25 هين ميچ ۾ پشاور زلمي لاهور قلندرز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.

 پشاور زلمي 125  رنسن جو هدف 20 هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.

ابوظهبي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ٽاس کٽي پهريان لاهور قلندرز جي ڪپتان فخرالزمان کي بيٽنگ جي دوعت ڏني.

 لاهور قلندرز طرفان اننگز جي شرواعت ئي مايوس ڪندڙ رهي ۽ اوپنر اينٽن ڊيوچچ 12 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو جڏهن ته فخرالزمان به 11 رنسون ٺاهي پويلين واپس هليو ويو.

 حارث سهيل، ڊيوڊ ويز ۽ عمير مسعود ٽيم کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته قلندرز مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهيون.

 لاهور طرفان حارث سهيل 43، ڊيوڊ ويز 26 ۽ عمير مسعود 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پشاور زلمي طرفان ملز 3، ثمين گل 2، ڊائوسن ۽ وهاب رياض هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

لاهور قلندرز جي 125 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ پشاور زلمي جي اننگز جي شروعات ڪامران اڪمل ۽ امام الحق ڪئي پر پهرئين ئي اوور ۾ شاهين آفريدي امام الحق کي آئوٽ ڪيو.

ٻئين ئي اوور ۾ راحت علي ڪامران اڪمل جي وڪيٽ ورتي جنهن کانپوءِ ايندڙ ئي اوور ۾ شاهين شاهه آفريدي عمر امين ۽ دائوسن کي پويلين جي راهه ڏيکاري، پشاور جي پنجين وڪيٽ پولارڊ جي ڪري جيڪو 2 رنسون ٺاهي آئوت ٿي ويو.

 20 رنسن تي اڌ ٽيم آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ مصباح الحق ۽ ڊيرن سيمي ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 100 رنسن جي حصيداري قائم ڪري ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ڊيرن سيمي آخري اوور ۾ بولڊ ٿيو، پشاور زلمي 20 هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪيو.

LEAVE A REPLY