اماراتي شيخ دنيا جي سڀ کان وڏي ايس يو وي ٺاهي ورتي

0
127
Science&Tec

دبئي (ويب ڊيسڪ) ويگن ۽ ڪار جي ميلاپ واريون گاڏيون اسپورٽس يوٽيليٽي وهيڪل يا ايس يو وي چيون وينديون آهن جيڪي آمريڪا ۽ يورپ ۾ تمام گهڻيون مقبول آهن.

 پر اماراتي شيخ ٽرڪ ۽ جيپ جي ميلاپ سان هڪ عجيب ايس يو وي ٺاهي آهي جنهن کي هن دنيا جي سڀ کان وڏي ايس يو وي قرار ڏنو آهي.

 ڏهن ڦيٿن واري ان گاڏي جو نالو ظهبيان رکيو ويو آهي، ان جي  تياري ۾ اوشڪوش ايم 1075 فوجي ٽرڪ ۽ رينگلر جيپ کي گڏايو ويو آهي.

 600 هارس پاور جا 6 سلينڊر ڪيٽرپلر انجڻ ان ۾ لڳل آهي ۽ گاڏي جي ڪل ڊيگهه 10.8 ميٽر ۽ وزن 24 ٽن آهي.

 ان کي شيخ حمدان بن حمدان النهيان خاص طور تي ٺاهيو آهي جيڪا گڏيل عرب امارتن ۾ عجيب ۽ مهانگي ڪارن سبب تمام گهڻي مشهور آهي.

LEAVE A REPLY