دنيا جي پهرين هوا ۾ اُڏڻ واري موٽرسائيڪل تيار

0
45
Science&Tec

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ٽريفڪ جام کان تنگ ماڻهن لاءِ خوشخبري، هاڻي اوهان اڏامندڙ موٽر سائيڪل جو به آرڊر ڏئي سگھو ٿا.

 ان سواري کي جيٽ پيڪ ڪمپني ڊيزائن ڪيو آهي ۽ “دي اسپيڊ” نالي موٽرسائيڪل کي دنيا جي پهرين اڏامندڙ موٽرسائيڪل قرار ڏئي سگھجي ٿو.

دي اسپيڊ جي قيمت ٽي لک 80 هزار ڊالر يعني پنج ڪروڙ پاڪستاني رپين جي برابر آهي. اها اڏام دوران پاڻ ئي سڌي ٿي ويندي آهي جنهن لاءِ اسٽيبلائزر ۽ جائزواسڪوپ ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي آهي.

اها موٽرسائيڪل جيٽ ٽربائن انجڻ جي ڪري اڏندي آهي ۽ وڌ کان وڌ 150 ميل في ڪلاڪ جي رفتار تائين پهچندي آهي.

 دي اسپيڊ مسلسل 20 منٽن تائين 15 هزار فٽن جي مٿانهين تائين اڏي سگھي ٿو.

اڏام لاءِ دي اسپيڊ گاسليٽ، جيٽ اي ۽ ڊيزل ٻارڻ استعمال ڪندي آهي.

ان کي ٺاهيندڙ ڪمپني مسلسل ڪيترن سالن کان ان کي آزمائشن مان گذاريو ويو آهي جنهن ۾ هاڻي چار ٽربوجيٽ انجڻ لڳل آهن.

 سموري گاڏي جو وزن 105 ڪلوگرام آهي جڏهن ته 109 ڪلوگرام وزني پائليٽ کي کڻي اهي اڏام ڀري سگھي ٿي.

LEAVE A REPLY