پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ جو خطرو برقرار آهي: آمريڪي اخبار

0
847
new york times Report

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ جو خطرو برقرار آهي.

تفصيل موجب آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت خطرناڪ صورتحال ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ ڳالهين جو امڪان نه هئڻ برابر آهي.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز  لکيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ جو خطرو برقرار آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيندو، تيسيتائين خوفناڪ فضا واري صورتحال برقرار رهندي.

نيويارڪ ٽائمز موجب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ ٿي سگهي ٿي، پاڪستان ۽ ڀارت جي فوج سرحدن تي تيار ويٺل آهي.

LEAVE A REPLY