ميرپورخاص ۾ صحت کاتي طرفان ڀرتين لاءِ اڄ رٿيل انٽرويوز ملتوي

0
82
Health Department Test

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي ميرپورخاص ضلعي ۾ خالي پيل جاين تي رٿيل انٽرويوز ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.

تفصيل مطابق صحت کاتي ۾ خالي پيل جاين تي ڀرتين لاءِ صحت کاتي پاران اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون هيون، جن جا اڄ انٽر ويوز ٿيڻا هئا جيڪي ملتوي ڪيا ويا آهن.

صحت کاتي جي اختيارين موجب ميرپور خاص ضلعي ۾ ڊي سي جي موجود نه هجڻ ۽ ڪجهه آفيسرن جي موڪل تي هئڻ ڪري اهو مرحلو في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي.

اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڪيلو ڊي ايڇ او ڀرتي نه ٿو ڪري سگهي انهي ڪري في الحال ملتوي ڪيا آهن.

صحت کاتي جي اختيارين موجب ميرپورخاص ضلعي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون هيون.

LEAVE A REPLY