حج لاءِ 2لک کان وڌيڪ درخواستون جمع، ڪڻا سڀاڻي ڪڍيا ويندا

0
131
Hajj 2019

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حج لاءِ ٻه لک کان وڌيڪ درخواستون جمع ڪرايون ويون آهي، ڪڻا سڀاڻي ڪڍيا ويندا.

تفصيل موجب مذهبي مامرن جي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته سرڪاري حج اسڪيم جي قرعه اندازي سڀاڻي ( 12 مارچ ) تي ٿيندي، جيڪا مذهبي معاملن جو وفاقي وزير نور الحق قادري ڪندو.

ترجمان مطابق بينڪن 2 لک 16 هزار 623 حج لاءِ درخواستون ڏيندڙن جا تفصيل آن لائن اپڊيٽ ڪري ڇڏيا آهن.

مذهبي مامرن جي وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بينڪن کي انٽريون جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY