ڀارت ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو

0
103
India Election

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عام چونڊون 11 اپريل کان شروع ٿينديون.

تفصيل موجب ڀارت ۾ مرحلي وار عام چونڊون 11 اپريل کان شروع ٿينديون، ڀارتي اليڪشن ڪميشن مطابق چونڊ عمل لڳ ڀڳ 6 هفتن تائين جاري رهڻ کانپوءِ 19 مئي تي ختم ٿيندو، ان دوران لوڪ سڀا جا 543 ميمبر چونڊيا ويندا.

 ڀارت ۾ اهل ووٽرن جو انگ 9 سئو ملين جي ڀڳ ڀڳ آهي.

 بي جي پي طرفان نريندر مودي ٻيهر وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار آهي، جڏهن ته ڪانگريس جو راهول گانڌي ان جو مخالف آهي.

LEAVE A REPLY