سنڌ ڪاليج گيمز: ڪراچي ٽيم لاڙڪاڻي ٽيم کي ھارائي ڇڏيو

0
64

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن پاران ڪوٺايل سنڌ ڪاليج گيمز ۾ انٽر ريجنل ڪرڪيٽ مقابلن جي فائنل ۾ ڪراچي جي ٽيم لاڙڪاڻي ڪاليج جي ٽيم کي ھارائي ٽرافي پنھنجي نالي ڪري ورتي.

تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ فاتح ٽيم کي واڌايون ڏيندي ٽرافي ڏني ۽ چيو تہ سندس خواھش آھي تہ ايندڙ سال کان ڪاليجن جيان اسڪولن ۾ به شاگردن لاءِ بہ مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪرائي سگھجن.

ان موقعي تي سنڌ جي مختلف ريجنز جهڙوڪ سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جون ٽيمون، وڏي انگ ۾ اسپورٽس ڪوچز، استاد، مختلف ڪاليجن جا پرنسپل، ريجنل ڊائيريڪٽر ڪالجز ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ وڏي انگ ۾ تماشائي پڻ موجود ھئا.

کاتي جي ڪاليج ايجوڪيشن واري سيڪريٽري پرويز احمد سيھڙ صوبائي وزير تعليم جي ھدايتن تي ھڪ جامع اسپورٽس پروگرام جاري ڪيو.

پھرين مرحلي ۾ سڀني ڪاليجن کي ھدايت ڪئي وئي تہ اھي پنھنجي ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انٽرا ميموريل رانديون ڪرائين.

سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن جي ھدايت تي عمل ڪندي ڪاليج جي پرنسپلن ۽ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن حڪم جي تعميل ڪندي راندين جا مقابلا منعقد ڪيا.

انٽر ڪالجيٽ ٽورنامينٽ ۾ ھر ھڪ ريجن مان 12 ڇوڪرين ۽ 12 ڇوڪرن تي مشتمل ٽيمن وچ ۾ راندين جا مقابلا ڪرايا ويا. انھن راندين ۾ ايٿليٽڪس، بيڊمنٽن، ڪرڪيٽ، ھاڪي، فٽبال، نيٽ بال، جُوڊو، شطرنج، ٿروبال، والي بال، ٽڳ آف وار، ٽيبل ٽينس، نيٽبال شامل ھئا. انٽر ڪالجيٽ راندين جي پڄاڻي کانپوءِ انٽر ريجن راندين جي شروعات ڪئي وئي.

24راندين جي مقابلن کي مختلف ريجن ۾ ورھايو ويو، انھن مقابلن جي شروعات 20 فيبروري کان حيدرآباد ۾ ايٿليٽڪس ۽ جوڊو چيمپئن شپ سان ٿي. سکر ۾ فٽبال، نيٽ بال ۽ ٽڳ آف وار، لاڙڪاڻي ۾ ٽيبل ٽينس ۽ والي بال، بينظيرآباد ۾ ٿروبال ۽ باسڪيٽ بال، ميرپورخاص ۾ ھاڪي، شطرنج جڏھن تہ ڪراچي ۾ ڪرڪيٽ ۽ بيڊمينٽن مقابلن جو انعقاد ٿيو. سنڌ ڪاليج رانديون 11 مارچ جو پنھنجي پڄاڻي تي پھتيون.

ڪراچي ريجن جي ٽيم 14 راندين جا مقابلا کٽي پھريون نمبر کنيو جڏھن تہ حيدرآباد 8 مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ٻين پوزيشن حاصل ڪئي. شھيد بينظيرآباد ٽئين پوزيشن، لاڙڪاڻي چوٿين، سکر پنجين ۽ ميرپورخاص ڇھين پوزيشن ماڻي.

ڇوڪرن جي ٽوٽل 12 راندين ۾ 6 ضلعن جي ٽيمن حصو ورتو جنھن جي تفصيل ھن ريت آھي:

ايٿليٽڪس راند ۾ ڪراچي چيمپئين رھيو ۽ شھيد بينظيرآباد ٻيو نمبر جڏھن تہ حيدرآباد ٽيون نمبر پوزيشن ورتي. بيڊمينٽن راند ۾ بہ ڪراچي ريجن فاتح رھيو ۽ ٻيو نمبر لاڙڪاڻو جڏھن تہ ٽين پوزيشن حيدرآباد ورتي. باسڪيٽ بال راند ۾ پھرين پوزيشن حيدرآباد ۽ ٻين لاڙڪاڻي جڏھن تہ ٽين تي شھيد بينظير آباد ٽيم رھي. شطرنج راند ۾ پھرين پوزيش حيدرآباد ۽ ٻين شھيد بينظير آباد جڏھن تہ ٽين پوزيشن ميرپورخاص ورتي.

ڪرڪيٽ راند ۾ نمايان پوزيشن ڪراچي ۽ ٻئين نمبر تي لاڙڪاڻو جڏھن تہ ٽئين نمبر تي حيدرآباد رھي. فٽبال راند ۾ پھريون نمبر ڪراچي، ٻيو ميرپورخاص جڏھن تہ ٽين پوزيشن لاڙڪاڻي ورتي. ھاڪي راند ۾ پھرين پوزيشن ڪراچي ۽ ٻئين نمبر تي حيدرآباد جڏھن تہ ٽيون نمبر شھيد بينظيرآباد کنيو. جوڊو راند ۾ پهرين نمبر تي حيدرآباد ۽ ٻئين تي لاڙڪاڻو جڏهن ته ٽئين نمبر تي ميرپورخاص ٽيم رهي.

ٽيبل ٽينس راند ۾ ڪراچي نمايان ۽ ٻئين نمبر تي شهيد بينظيرآباد جڏهن ته ٽئين نمبر تي حيدرآباد جي ٽيم رهي. ٿروبال راند ۾ پهرين پوزيشن تي حيدرآباد ۽ ٻئين تي شهيد بينظير آباد جڏهن ته ٽئين تي لاڙڪاڻو رهيو.

مٿين مقابلن ۾ 25 هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻين ح6صو ورتو. ڪاليج ايجوڪيشن جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي ته ايڏي منظم طريقي سان راندين جو انعقاد ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY