پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 61 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
60
Peshawar Zalmi Win Match

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ سيزن فور جي آخري رائونڊ ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 61 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل فور جي 30هين ميچ ۾ ڪراچي جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

پشاور زلمي طرفان ڪامران اڪمل ۽ امام الحق 137 رنسن جي بهترين شروعات فراهم ڪئي، وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين 86 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته امام الحق 59 رنسون ٺاهي ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو.

ڪيرون پولارڊ 12 ۽ صهيب مقصود 12-12، وهاب رياض 11، ليام ڊاسن 9 ۽ ڪپتان ڊيرن سيمي 5 رنسون ٺاهيون.

ڪراچي طرفان محمد عامر 3، ڪولن منرو 2، جڏهن ته عثمان شنواري هڪ شڪار ڪيو.

جواب ۾ ڪراچي جي ٽيم 16.2 اوورن ۾ 142 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

LEAVE A REPLY