چنڊ تي پاڻي جي وهڪري جا نشان هٿ

0
71
Science&Tec

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ناسا چنڊ جي سطح تي پاڻي جي وهڪري جا نشان هٿ ڪري ورتا آهن.

تفصيل موجب خلائي تحقيق واري آمريڪي اداري ناسا چنڊ جي سطح تي پاڻي جي وهڪري جا نشان هٿ ڪري ورتا آهن.

 هن پروجيڪٽ کي ليمين الفا ميپنگ پروجيڪٽ (ليمپ) جو نالو ڏنو ويو آهي.

 ان تحقيق تي ڪم ڪندڙ سائنسدان ڊاڪٽر ڪرٽ ردرفورڊ جو چوڻ آهي ته چنڊ تي پاڻي جي موجودگي جي حوالي سان نئين شاهدي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي.

 هي هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو آمريڪي سائنسدانن جي ٻيهر چنڊ تي وڃڻ کان اڳ اهميت جوڳو بڻجي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان چنڊ جي روشن سطح تي ليمپ پروجيڪٽ جي شعاعن ذريعي انتهائي درستگي سان نقشو تيار ڪيو آهي.

 جنهن سان اسان کي اهو معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي ته پاڻي ڪٿي آهي ۽ ڪيترو موجود آهي.

LEAVE A REPLY