طالبان آمريڪا ڳالهين جو پنجون دور ختم، فوج جي واپسي تي اتفاق

0
129
America&Taliban Talks

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو پنجون دور پڄاڻي تي پهتو، ڌرين ۾ فوج جي واپسي تي اتفاق ٿي ويو.

تفصيل موجب دوحا ۾ افغان طالبان طرفان مقرر ڪيل خاص نمائندن ۽ افغان معاملن بابت آمريڪا جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد وچ ۾ ڳالهين جو پنجون دور ٿيو.

 ڌرين ڳالهين جي ڊگهي سيشن کانپوءِ افغانستان مان غيرملڪي فوجن جي واپسي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ٻن نڪتن تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

 آمريڪا جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد چيو آهي ته دوحا ۾ طالبان سان ڳالهين جو دورو مڪمل ٿيو.

 امن لاءِ شرطن ۾ بهتري آئي آهي ۽ هاڻ اهو واضح آهي ته ڌريون جنگ جو خاتمون چاهين ٿيون.

 سفارتي ذريعن موجب مسودي تي ڌرين طرفان صحيحيون ناهن ٿيل.

LEAVE A REPLY