ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ڪواليفائر جو ٽاڪرو اڄ ٿيندو

0
93
PSL

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن جي پلي آف مرحلي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي.

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي پلي آف مرحلي جي شروعات اڄ کان ٿي رهي آهي، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ اڄ شام ستين وڳي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ايٽرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ڪواليفائر  جو ٽاڪرو ٿيندو.

 ايونٽ ۾ ٻئي ٽيمون هنيئر تائين 7، 7 ميچون کٽي چڪيون آهن ۽ ٻنهي ٽيمن وٽ 14 پوائنٽون آهن جڏهن ته اسڪور بورڊ تي پشاور زلمي سرفهرست آهي ۽ ڪوئيٽا گيلڊي ايٽرز جو ٻيون نمبر آهي.

 اڄ ڪامياب ٿيندڙ ٽيم سڌو سنئون فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪندي جڏهن ته شڪست جو منهن ڏسندڙ ٽيم وٽ ايونٽ ۾ رهڻ لاءِ وڌيڪ هڪ موقعو ملندو.

گليڊيئيٽرز ايٽرز ۽ پشاور زلمي مان جيڪا به ٽيم اڄ ميچ هارائيندي اها ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ٿيندڙ ميچ جي فاتح ٽيم سان مقابلو ڪندي.

LEAVE A REPLY