خبردار ! ”ڊائٽنگ“ جان جو خطرو به بڻجي سگھي ٿي: ماهر

0
59
Helth

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته وزن گھٽائڻ لاءِ سڀ کان مشهور ڊائٽ”گھث نشاستي وارن کاڌن“ سان دل جي ڌڙڪي جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ جو قوي امڪان آهي.

چين جي يونيورسٽي سن ياٽ-سين جي دل جي مرضن وارن ماهرن سمورو ڏينهن نشاستي جو گھٽ مقدار کائندڙ ماڻهن تي ان جي اثرن جو مطالعو ڪيو ۽ پنهنجن نتيجن کي مقالي جي صورت ۾ آمريڪن آف ڪارڊيولاجي جي ڪانفرنس ۾ پڙهيو.

تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر شيائوڊونگ زواهنگ پنهنجي تحقيق لاءِ مختلف رنگ، نسل ۽ قوميت جا 14 هزار ماڻهن تي مشتمل ٻن گروپن جي ميڊيڪل هسٽري، خوراڪ ۽ طرز زندگي کي 22 سالن تائين مشاهدي ۾ رکيو.

انهن مان ڪنهن کي به دل جي ڌرڪي جو عارضو نه هو. بدقسمتي ۾ جيڪو گروپ گھٽ نشاستي واري خوراڪ يعني “لو ڪاربوهائيڊريٽس ڊائٽ” تي هئا انهن مان 1900 ماڻهن کي بي ترتيب دل ڌڙڪي جو عارضو ٿي ويو

 جڏهن ته اهو گروپ جيڪو نارمل کاڌا کائي رهيو هو اهو صحتمند رهيو ۽ هنن جي اي سي جي ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي نه ڏٺي وئي.

تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته دل جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ جو سڀ کان وڏو سبب انهن ماڻهن جو نشاستي بدران سڻڀ جو گھڻو استعمال آهي.

 لوڪاربوهائيڊريٽ ڊائٽ ۾ نشاستوي جي کوٽ کي سڻڀ يعني fats سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جنهن سان دل جو عارضو ٿيڻ جو امڪان 70 سيڪڙو وڌي ويندو آهي.

ريسرچ جي سربراهه ڊاڪٽر شيائونڊونگ زواهنگ خبردار ڪيو ته وزن گھٽائڻ لاءِ لوڪاربوهائيڊريٽ ڊائٽ تجويز ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي ۽ اهڙن ماڻهن کي مڪمل طبي معائنو ڪرائيندي رهڻ گھرجي.

ريسرچ سربراهه هدايت ڪئي آهي ته اسان جي جسم کي هر قسم جي کاڌي يعني نشاستي، سڻڀ جي ضرورت هوندي آهي ان ڪري ڪنهن هڪ کي گھٽائڻ يا وڌائڻ بدران متوازن کاڌا استعمال ڪرڻ گھرجن.

LEAVE A REPLY