ثانيا مرزا فٽنيس جي بحالي لاءِ روزانو 5 ڪلاڪ جم وڃڻ لڳي

0
58

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ٽينس اسٽار ثانيا مرزا فٽنيس جي بحالي لاءِ روزانو 5 ڪلاڪ جم  وڃڻ لڳي.

 ثانيا مرزا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن 22 ڪلو وزن گهٽ ڪيو  آهي.

ٽينس اسٽار جو چوڻ آهي ته سخت محنت ڪندي چڱو وزن گهٽايو آهي.

هن چيو ته هاڻ آسٽريلوي ٽرينر رابرڊ بالارڊ جي نگراني ۾ دبئي ۾ فٽنيس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، آگسٽ ۾ ٽينسٽ ڪورٽ ۾ واپس لهي يو ايس اوپن جي تياري ڪرڻ چاهيان ٿي.

واضح رهي ته ثانيا مرزا پٽ جي پيدائش کانپوءِ ٽيسٽ ڪورٽ ۾ واپسي جي خواهشمند آهي.

LEAVE A REPLY