ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
59
QGvPZ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن جي ڪواليفائر ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

تفصيل مطابق پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي ڪواليفائر ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پشاور زلمي کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.

 پشاور زلمي 187 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي سگهي.

 نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ٽاس کٽي سرفراز اليون کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

 ڪوئيٽا طرفان اننگز جي شروعات شين واٽسن ۽ احمد شهزاد ڪئي پر ٻئين ئي اوور ۾ احمد شهزاد هڪ رن ٺاهي ملز جي بال تي بولڊ ٿي ويو.

واٽسن ۽ احسن علي 111 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي جڏهن ته 114 رنسن جي مجموعي اسڪور تي شين واٽسن 71 رنسون ٺاهي وهاب رياض جو شڪار بڻيو.

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاهيون، شين واٽسن 71، احسن علي 46 ۽ عمر اڪمل 22 رنسن سان نمايان رهيا.

 پشاور زلمي طرفان وهاب رياض 2، حسن علي، ملز، ثمين گل ۽ پولارڊ هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي هدف جي پيڇي ۾ پشاور زلمي جي اننگز جي شروعات ڪامران اڪمل ۽ امام الحق ڪئي جڏهن ته پهرئين وڪيٽ 41 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪري ۽ ڪامران اڪمل 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

 مستحڪم شروعات جي باوجود 90 جي مجموعي اسڪور تي زلمي جي اڌ ٽيم پويلين واپس وڃي چڪي هئي جڏهن ته پولارڊ ۽ ڪپتان سيمي ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ 83 رنسن جي حصيداري قائم ڪئي.

ٻنهي رانديگرن جي پارٽنرشپ جي باوجود زلمي ڪاميابي سان هدف حاصل نه ڪري سگهي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي سگهي.

 زلمي طرفان ڊيرن سيمي 46، پولارڊ 44 ۽ امام الهق 23 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

ڪوئيٽا جي محمد حسنين 2، روسو، احسن علي، واٽسن ۽ محمد نواز هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

 گليڊيئيٽرز ڪواليفائر ۾ فتح سان گڏ فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي ۽ ٽيم ٽيون ڀيرو فائنل کيڏندي جڏهن ته ڪوئيٽا هينئر تائين ڪوبه ٽائيٽل ناهي کٽي سگهي.

LEAVE A REPLY