پي ايس ايل فور: اڄ ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ آمهون سامهون ٿينديون

0
60
KKvIU

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

تفصيل موجب پاڪستان سپر ليگ فور آخري مرحلن ڏانهن وڌي رهي آهي، ان ئي سلسلي ۾ اڄ هڪ ميچ ايليمينٽري ون جي ٽيمن اسلام آباد يونائٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ کيڏي ويندي.

ايليمينٽر ون جي ڪامياب ٽيم جو مقابلو ڪواليفائر ون جي رنر اپ ٽيم سان ٿيندو ۽ ان ميچ جي ڪامياب ٽيم جو مقابلو فائنل ميچ ۾ ڪواليفائر ون جي ڪامياب ٽيم سان ٿيندو.

 ٽئين ۽ چوٿين نمبر جي ٽيمن وچ ۾ ايليمينٽري ون ميچ اڄ خميس تي کيڏي ويندي جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

 ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شام 7 وڳي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

 هارائيندڙ ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويندي جڏهن ته ڪامياب ٽيم جو مقابلو 15 مارچ تي ايليمينٽر ٽو ڪواليفائر ون ميچ جي رنر اپ ٽيم سان ٿيندو.

LEAVE A REPLY