اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
102
IUvKK

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪراچي ڪنگز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيوآهي.

تفصيل موجب اسلام آباد يونائيٽيڊ پاڪستان سپر ليگ جي ناڪ آئوٽ مقابلي ۾ ڪراچي ڪنگز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.

 ڪراچي طرفان مليل 162 رنسن جو ٽارگيٽ اسلام آباد يونائيٽيڊ 19.3 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

 ايليڪس هيلز 41، ڪيمرون ڊيلپورٽ 38 ۽ حسين طلعت 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته آخر ۾ آصف علي  10 بالن تي 20 ۽ فهيم اشرف 8 بالن تي 17 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 161 رنسون ٺاهيون.

 بابر اعظم 42، ڪولن منرو 32، ليونگ اسٽون 30 ۽ انگرام 23 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا، ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان عماد وسيم 13، ڊنڪ 12، محمد عامر 3، جڏهن ته افتخار احمد، عامر يامين ۽ عثمان شنواري تربيت وار 1-1 رنس ٺاهي.

 اسلام آباد طرفان محمد موسيٰ 3، فهيم اشرف 2، جڏهن ته شاداب خان ۽ رومان رئيس 1-1 وڪيٽ ورتي.

پاڪستان سپر ليگ جو ٻيو ناڪ آئوٽ مقابلو اڄ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ٿيندو.

 جڏهن ته کٽيندڙ ٽيم آچر ڏينهن ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سان فائنل کيڏندي.

LEAVE A REPLY