مسجد اندر فائرنگ، بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو نيوزيلينڊ دورو ختم

0
62
New Zealand attack Cricket Team bangladesh

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجد اندر فائرنگ واري واقعي کانپوءِ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جو نيوزيلينڊ دورو رد ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ دهشتگردي کانپوءِ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو نيوزيلينڊ دورو ختم ڪيو ويو آهي.

 ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز دوري جي ملتوي ٿيڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو.

نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ سڀاڻي کان شروع ٿيڻي هئي.

LEAVE A REPLY