ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، واپاري کي قتل ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

0
106

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪارروايون ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رينجرز ترجمان موجب جوابدار واپاري جي قتل ۾ ملوث آهن، وٽان هٿيار به مليا آهن.

رينجرز ترجمان موجب طارق روڊ تي ڌاڙي دوران مزاحمت تي چوڪيدار کي قتل ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري جوابدارن وٽان هٿيار ۽ واردات ۾ استعمال ٿيل رڪشو به هٿ ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن ۾ اڪرم عرف ٽڪ، باقر عرف ملڪ، آصف عرف جوڳي شامل آهن.

رينجرز ترجمان موجب جوابدارن جا ڪجهه ساٿي پنجاب فرار ٿي ويا هئا ڄاڻايل جوابدار مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڌاڙن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ به ملوث آهن.

LEAVE A REPLY