پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي

0
116
IUvPZ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جي ٻئين ايليمينيٽر ۾ پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.

تفصيل موجب سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان محمد سميع ٽاس کٽي پشاور زلمي کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

پشاور زلمي طرفان اننگز جي شروعات ڪامران اڪمل ۽ امام الحق ڪئي ۽ ٻنهي جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي شاندار شروعات فراهم ڪئي.

پشاور زلمي جي پهرئين وڪيٽ 135 رنسن جي مجموعي اسڪور  تي ڪري جڏهن امام الحق 58 رنسون ٺاهي ڪيمرون ڊيلپورٽ جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، ڪامران اڪمل به 74 رنسون ٺاهي ڊيلپورٽ جو شڪار بڻيو.

پشاور زلمي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 214 رنسون ٺاهيون، زلمي طرفان پولارڊ 37 ۽ ڊيرن سيمي به 30 رنسن جي اننگز کيڏي.

 اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڊيلپورٽ 2 ۽ شاداب خان هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

 پشاور زلمي جي 215 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان اننگز جي شروعات رونڪي ۽ ڊيلپورٽ ڪئي.

 جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ جي پهرئين وڪيٽ 24 رنسن تي ڪري ۽ رونڪي 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ان کي 48 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

يونائيٽيڊ طرفان والٽن 48، فهيم اشرف 31 ۽ ڊيلپورٽ 28 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

زلمي ايليمينيٽر ۾ ڪاميابي کانپوءِ لڳاتار ٽيون ڀيرو پي ايس ايل جي فائنل ۾ پهتي آهي جتي سندس مقابلو آچر تي ڪوئيٽا گليديئيٽرز سان ٿيندو.

LEAVE A REPLY